مواد ڏانھن هلو

مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار
سنڌي ۾ 18,003 مضمون آهن.

چونڊ مضمون

وحيدالدين خان ھندستان جو ھڪ مسلمان مفڪر، عالم دين ۽ امن جو داعي ھو. ھن قرآن جو تفسير تذڪر القرآن جي نالي سان لکيو. ھي 1925ع ۾ ھندوستان جي رياست اتر پرديش جي ضلعي اعظم ڳڙھ ۾ واقع بڌاريا نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. ھي ڪجھ وقت جماعت اسلامي جو ڪارڪن بہ رھيو، پر ھن کي جماعت جي ديني تصور ۾ خاميون نظر آيون، ۽ ڪجھہ ئي سالن ۾ ھن جماعت کان علحدگي اختيار ڪئي. وحيدالدين خان سينٽر فار پيس اينڊ اسپرچيولٽي جو باني ھو، ھي ادارو اسلامي ادب کي عالمي دنيا ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙ آھي. ھي اسلام جي سياسي تشريح کي رد ڪندڙ ھو ۽ سياسي اسٽيٽس ڪو جو حامي ھو. ھن کي 2009ع ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ 500 بااثر مسلمانن واري فھرست ۾ شامل ڪيو ويو، ان کان سواءِ ھن کي ڀارت جي وڏن شھري اعزازن پدم ڀوشن ۽ پدم وڀوشن سان پڻ نوازيو ويو. ھن جي وفات 2020ع ۾ ڪورونا وبا سبب ٿي ۽ ھي بستي حضرت نظام الدين لڳ پنج پيران قبرستان ۾ مدفن آھي.

خبرن ۾

حسينه واجد 2009ع ۾
حسينه واجد 2009ع ۾


ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟

ايمپيڊوڪليز جي خيالي تصوير
ايمپيڊوڪليز جي خيالي تصوير

اڄ جو قول

  • ناري ٿيڻ بيحد مشڪل ڪم آھي، ڇو تہ انھن کي مردن سان منھن ڏيڻو پوندو آھي.
— ناول نگار جوزف ڪانراڊ  · اڳوڻا

اڄ جو لفظ

0

اڪثر چيو ويندو آهي: آءٌ / آئون ڪنڊيارو مان پيو اَچان.
سنڌي ٻوليءَ جي ويڪارڻي سٽاءَ موجب، هينئن هئڻ گهرجن:
آءٌ / آئون ڪنڊياري مان پيو اَچان.
يا: هُو ڪالهہ ممبئي ويو، درست جملو، هو ڪالهہ ممبئيءَ ويو.


ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 18,003 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

بھترين مضمون

گوادر جي خريداري جو عمل 8 سيپٽمبر، 1958ع تي مڪمل ٿيو، ان کان اڳ گوادر عمان جو حصو ھو. ھي علائقو 15،210 چورس ڪلوميٽر تي مشتمل ھو، جنھن کي 5.5 ارب روپين جي عيوض عمان کان خريد ڪيو ويو. ھن رقم جو گهڻو حصو آغا خان ادا ڪيو ھو. اهو معاهدو پاڪستان جي وزيراعظم، فيروز خان نون ۽ عمان جي سلطان سعيد بن تيمور جي ڪوششن سان ٿيو. ھن معاھدي دوران ڳالھين ۾ برطانيا پڻ ٻنھي ملڪن جي مدد ڪئي. معاھدي ۾ اھو پڻ شامل ھو تہ گوادر ۾ رھندڙ ماڻھن کي پاڪستان جي شھريت ڏني ويندي، ۽ انھن وٽ عمان جي شھريت پڻ رھندي، ان کان سواءِ اتان نڪرندڙ تيل جي آمدني مان پڻ عمان کي حصو ڏنو ويندو. سرڪاري طور تي 8 ڊسمبر، 1958ع تي گوادر جي زمين باضابطہ طور پاڪستان جو حصو بڻجي ويو.

اڄ جو ڏينھن

ڇنڇر 17 آگسٽ 2024ع مطابق 10 صفر 1446ھ


ضيا الحق
ضيا الحق

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 18,003 مضمون موجود آهن.
وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ: ، ، ، ۽ ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)